ايس پي پاران امن جي دعويٰ، شهرين پاران بدامني خلاف جلوس

ڪنڌڪوٽ (غالب بلوچ) ايس ايس پي گذريل 7 مهينن جي ڪارڪردگي رپورٽ ظاهر ڪندي ٻڌايو آهي ته ان عرصي ۾ 52 پوليس مقابلا ٿيا. جن ۾ هڪ خطرناڪ ڌاڙيل مارجي ويو 18 ڏوهاري مقابلن ۾ زخمي ٿي پيا. 18 گينگ بلاسٽ ڪيون ويون 81 ڌاڙيلن کي گرفتار ڪيو ويو، مقابلن دوران هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ 2 اهلڪار زخمي ٿيا، مجموعي طور تي 582 روپوش ۽ اشتهاري ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آھي ۽ عورتاڻي آواز ۾ ماڻھن کي هرکائي اغوا ڪندڙن 12 ڄڻن کي گرفتار ڪري انهن جي قبضي مان هڪ ڪار هڪ ٽريڪٽر ۽ 11 موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون. جڏھن ته مختلف ڏوهارين مٿان 124 ڪيس داخل ڪيا ويا جنهن ۾ 124 ڄڻن کي گرفتار به ڪيو ويو، گرفتار ٿيل ڏوهارين کان 8 ڪلاشنڪوف 5 رائفل 53 شاٽ گن 68 پسٽل هٿ 532 گوليون ۽ 121 ڪارتوس هٿ ڪياويا جڏھن ته ضلعي ڪشمور مان ايراني تيل تيرنهن هزار 4 چار سو ليٽر هٿ جنهن ۾ ستن ڄڻن تي ڪيس داخل 7 جوابدار گرفتار ۽ ٻاهرين ملڪن جي سگريٽن جا 180 ڪارٽون هٿ ڪياويا جڏھن ته چرس 8 ڪلو 600 گرام هٿ 6 ڪيس داخل ۽ 6 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، ديسي شراب 78 ليٽر هٿ ڪري 3 ڪيس داخل ڪري ٽئي جوابدار گرفتار ڪياويا. جڏھن ته ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ سيد اسد رضا شاه روزاني سنڌيارسان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آھي ته ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال تمام بهتر آھي هن چيو ته عوام جي جان ۽ مال جو هر حال ۾ تحفظ ڪيو ويندو ۽ ڏوهارين جي گرفتاري تائين ضلعي اندر ڏوهارين خلاف آپريشن جاري رکيو ويندو هن چيو ته ضلعي جي عوام لاء منهنجي آفيس جا در هر وقت کليل آھن کين ڪو به مسئلو يا شڪايت هجي ته مونسان رابطو ڪيو وڃي. هوڏانهن ٻئي پاسي  ضلعي ۾ وڌندڙ بد امني اغوا، قتل ڦرن، موٽر سائيڪلن جي چورين خلاف قومي عوامي تحريڪ پاران گھنٽا گھر جلوس ڪڍيو. جنهن ۾ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. مظاهرين شهر ۾ بد امني بند ڪرايو، امن قائم ڪرايو جا نعرا هنيا. اڳواڻن سجاد بروھي  ارصلاح بھلڪاڻي وڪيل عبدالغني بجاراڻي شعيب ڊومڪي اعجاز بجاراڻي  رب ڏنو ملڪ فدا حسين  سرور گاجاڻي علي مراد سبزوئي ھيبت ڏاھاڻي ساجد مزاري  محبوب شاھ شير باجڪاڻي شاھ علي سھرياڻي شاھد سھرياڻي غفور محمداڻي حاڪم نوناري اياز قمبراڻي ۽ ذوالفقار بھلڪاڻي ڪئي. اڳواڻن چيو ت ڪشمور ضلعو امن پسند ماڻھن لاء دوزخ بڻيل آھي . درجنين ماڻھون اغوا ٿيا آھن ۽ اڃان تائين ماڻھو ڌاڙيلن وٽ يرغمال آھن جن کي بازياب ڪرايو ۽ ڦر ڪيل موٽر سائيڪلون واپس ڪرايو.

پهنجو تبصرو موڪليو