ايس ٽي پي اڳواڻ صحافين کان معافي ورتي، ٺاهه ٿي ويو

شهدادڪوٽ( شاھد اعوان) صحافين ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلعي صدر حيات تنيو وچ ۾ ڊگهي عرصي کان هلندڙ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ مغيري هائوس تي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن مير غيبي خان مغيري، مولانا محمد جان عابد، وهاب پندراڻي، عرس سيلرو، امتياز بروهي ۽ پير بخش ڀٽي تي ٻڌل ڪاميٽي جي سرپئنچيءَ ۾ راڄوڻي نيبرو ٿيو جنهن ۾ ٻنهي ڌرين سان لاڳاپيل ماڻهن سميت شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. نبيري ۾ ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد سرپئنچ ڪاميٽي جي ميمبرن ڌرين جي صلاحڪارن حبدار ميرجت، الطاف سومرو، ذوالفقار مگسي ۽ شبير مگسي سان صلاح مشورن بعد فتويٰ جاري ڪئي. فتويٰ موجب ايس ٽي پي ضلعي صدر حيات تنيو کي ڏوهي قرار ڏنو ويو ۽ کيس پابند ڪيو ويو ته هو صحافين وٽ ميڙ وٺي وڃي ساڻن معذرت ڪندو. ان موقعي تي صحافين عدنان ڀٽي، غني مجاهد ۽ حيات تنيو وچ ۾ پاڪ ڪتاب تي ڀاڪر پارائي پرچاءُ ڪرايو ويو. نبيرو ڪرائيندڙ اڳواڻن جو چوڻ هو ته انهن فيصلو نه پر ڌرين وچ ۾ صلح نامو ڪرايو آهي جيئن پرامن ماحول کي برقرار رکي سگهجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو