ايس ٽي پي اڳواڻن پاران ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف احتجاج

ملير ( رپورٽ شهزادو مستوئي ) نوابشاهه پوليس هٿان ايس ٽي پي اڳواڻ ٻڍل خان مگسي جي گرفتاري خلاف ملير ۾ ايس ٽي پي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ريلي ڪڍي وئي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪندڙ پولیس اهلڪارن کي فوري معطل ڪيو وڃي، سنڌ حڪومت قومي ڪارڪنن کي حراسان ڪري 6 جون تي رٿيل بحريه خلاف احتجاج کي ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون پئي ڪري گرفتاريون قومي ڪارڪنن لاءِ ڏاج آهي، اسان پنهنجي حقن تان ڪڏهن به دستبردار نه ٿينداسين اعجاز سولنگي، اصغر مگسي رجب زھراڻي ۽ ٻين جو خطاب تفصيل موجب گذريل ڏينهن ايس ٽي پي ضلع ملير جي طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي اڳواڻن اصغر مگسي اعجاز سولنگي حفيظ زھراڻي مير پتافي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نوابشاهه مان ايس ٽي پي جي جنرل سيڪريٽري  ٻڍل خان مگسي کي پوليس بنا جواز گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي ھنن جو چوڻ هو اسان گرفتارين کان نٿا ڊڄون پر ھن وقت قومي ڪارڪنن جي گرفتاري ڇھ جون واري بحريه ٽائون جي خلاف اعلانيل ڌرڻي کي ناڪام بڻائڻ جي سازش آهي جيڪا ڪنهن صورت ۾ قبول نه آهي ھنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته گرفتار ڪيل اڳواڻ کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو