ايس بي سي اي جي ڊي جي ظفر احسن کي هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڊائريڪٽر جنرل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ظفر احسن کي فوري طور عهدي تائين هٽائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سنڌي مسلم سوسائٽي ۾ غير قانوني تعميرات متعلق درخواست جي ٻڌڻي ٿي گذري. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ مسلم سوسائٽي ۾ چائنا ڪٽنگ ذريعي سڄي شاهراهه ڪمشير تي قبضا ڪيا ويا. بورڊ آف روينيو جي انتظاميه عدالت کي ٻڌايو ته اها زمين سنڌي مسلم سوسائٽي ٻين ماڻهن کي الاٽ ڪئي، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ڪير شارع فيصل الاٽ ڪري ڇڏي ته پوءِ ڇا ڪندا هتي هر ڪنهن کي الاٽمينٽ جو ليٽر جاري ڪيو وڃي ٿو. سنڌي مسلم سوسائٽي ۾ نالي جي زمين تي عمارت تعير ٿيڻ تي چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇيو ته نالي جي زمين تي عمارت ڪيئن ٺاهي وئي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر مشتاق سومرو تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ان کي عدالتگ کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو عدالت جو چوڻ هو ته شهرين جي استحصال جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين. عدالت ڊي جي ايس بي اي ظفر احسن سميت اداري جي سڀني اعليٰ آفيسرن کي به فوري طور عهدي کان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو ته وزيراعليٰ سنڌ سڀ معاملا پاڻ ڏسي ۽ ڪنهن ايماندار آفيسر کي اي بي سي اي جو ڊي جي مقرر ڪيو وڃي. چيف سيڪريٽري چيف سيڪريٽري سنڌ کي حڪم ڏنو ته ڊي جي سنڌ هاءِ ڪورٽ بلڊنگ ڪنٽرول کي ظفر احسن کي اڄ ئي عهدي تان هٽايو وڃي. عدالت سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي طرفان هڪ سال دوران گرائونڊ پلس ٽو عمارتن جي تعمير متعلق ڏنل اجازت جي رپورٽ پڻ گهري ورتي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو