ايس ايڇ او ڪنڌرا خلاف ٺڪراٺي جي صحافين جو مظاهرو

ٺڪراٺو (ن س)  ڪنڌرا جي سينيئر صحافي عبدالرحمان انصاري کي سماجي برائين خلاف لکڻ تي ايس ايڇ او ڪنڌرا طرفان  بااثرن جي چرچ تي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ سخت نتيجا ڀوڳڻ جو ڌمڪيون ڏيڻ خلاف  ٺڪراٺي پريس ڪلب جي عهديدارن ۽ ممبرن احتجاجي مظاهرو ڪيو. پريس ڪلب جي سرپرست اعليٰ مجيد مهر ۽ پريس ڪلب جي صدر حضرت گل پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ عهديدارن ۽ ميمبرن احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن ٻڌايو ته ايس ايڇ او ڪنڌرا علاؤالدين ڦلپوٽو صحافتي دشمني نڀائيندي هڪ ڀيرو ٻيهر نيشنل پريس ڪلب ڪنڌرا جي جنرل سيڪريٽري عبدالرحمان انصاري تي ڪيس داخل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. ايس ايڇ او جي نگراني ۾  فحاشي جا اڏا هلائيندڙ عورت (س) کان عبدالرحمان انصاري خلاف پريس ڪانفرنس ڪرائي مٿس بناجواز الزام لڳرائي ڪيس داخل ڪرڻ جي تياري ڪري پيو. سينيئرصحافي کي ايس ايڇ او ڪنڌرا  پاران هيسائڻ جي مذمت ڪريون ٿا ۽ خبردار ڪريون ٿا ته اهڙي حرڪت کان پري رهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو