ايس ايڇ او تي 3 ماڻهو گم ڪرڻ جو الزام، 5 لک رشوت طلب

ڪنب (صفدرچانڊيو) پوليس وڏيرن جي وانگار وهندي ايس ايڇ او چار پوليس موبائيلون ساڻ ڪري بوزدار ٿاڻي جي حد ڳوٺ سائينداد سيال جي رهواسي سيال برادري جي ٽن ماڻھن کي گرفتار ڪري ٻن ڏينهن کان گم ڪري ڇڏيو. سندن وارثن شاھ محمد ۽ ٻين  ڪنب ايس ايڇ او اميرعلي چانگ تي الزام هڻندي چيو ته هو بااثرن جي چُرچ تي ۽ ڳري رشوت وٺي اسان جا ٽي ماڻھو آچر سيال نقاش علي سيال ۽ ڪار ڊرائيور مکڻ ابوپوٽو کي ڪار سميت گم ڪري ڇڏيو آھي. هنن الزام هنيو ته ايس ايڇ او ماڻھو موٽائڻ لاءِ پنج لک رشوت پيو گهري. اسانجو پنهنجن مائٽن سان زمين  تي جهيڙو  هلندڙ آھن نه چور آھيون نه ئي ڪنهن ڪُڌي عمل ۾ ملوث آھيون هنن وڌيڪ چيو ڪنب ايس ايڇ او لالچي قسم جو ماڻھو آھي ڪٿي اسان جا ماڻھو ماري نه ڇڏي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو