ايس ايڇ او کي هٿڪڙي، ڊي ايس پي کي شوڪاز جاري

جوهي(ن سنڌيار)فرسٽ سول جج جوهي جي عدالت ۾ غلط بياني ڪرڻ تان عدالتي حڪم تي ايس ايڇ او گاجي شاھ کي گرفتار ڪري کيس هٿڪڙيون لڳايون ويون.فرسٽ سول جج جوهي عبدالسليم ڪلهوڙو جي عدالت ۾ ڳوٺاڻي اسحاق شاهاڻي  درخواست داخل ڪرائي هئي ته سنڌ هاء ڪورٽ جي حُڪم باوجود ايس ايڇ او گاجي شاه جي نگراني ۾ ريتي بجري کنئي پئي وڃي, ڳوٺاڻي جي درخواست تي عدالت پاران ايس ايڇ او گاجي شاه شير خان جمالي کي طلب ڪيو ويو جتي ايس ايڇ او پاران غلط بياني ڪندي چيو ته اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي ڪير به ريتي بجري نه پيو کڻي, جنهن تي درخواست گذار عدالت کي وڊيو جي صورت ۾ ثبوت پيش ڪيو, جنهن تي عدالت غلط بياني ڪرڻ تي ايس ايڇ او گاجي شاه شيرخان جمالي کي گرفتار ڪري کيس هٿڪڙيون لڳائڻ جو حُڪم جاري ڪيو , عدالتي حُڪم تي کيس هٿڪڙيون لڳايون ويون, اڌ ڪلاڪ بعد ايس ايڇ او گاجي شاه عدالت کان لکت ۾ معافي ورتي, جنهن بعد عدالت کيس سڀاڻي پيش ٿي معاملي جي حقيقت کان آگاهه ڪرڻ جو حُڪم ڏنوآهي, ساڳي ئي معاملي ۾ ڊي ايس پي جوهي نور محمد سهرياڻي پيش نه ٿيو جنهن کي شوڪاز جاري ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو