ايس ايڇ او خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو

ٺڪراٺو (حضرت گل)ڳوٺ شير محمد کوکر جي معذور رهواسي ذوالفقار علي کوکر پنهنجي معصوم نينگر  ۽ ٻين وارثن سان گڏ مبارڪپور جي ايس ايڇ او عبدالوهاب پتافي جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين جنهن ۾ ذوالفقار علي ، امام دين ، قائم دين ، محمد صلاح ، علي گوهر ۽ نبي بخش کوکر شامل هئا تن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻه ڏينهن اڳ ذوالفقار علي جو 8 سالن جو معصوم نينگر شوڪت علي ڪورونا وائرس جي ڪري مدرسي ڀرچونڊي شريف کان موڪل تي اچڻ ڪري روز جي معمول مطابق پنهنجون ٻڪريون چارڻ ويو ۽ ڳوٺ جي ڀر سان خالي پيل زمين ۾ وڃي ڇڏيون جنهن تي ڀر واري ڳوٺ جي ماڻهن نينگر کي مار ڏني جنهنجي رپورٽ اسان ٿاڻي تي ڪرائڻ ويا سين ته ايس ايڇ او چڙي پيو ۽ اسان جي پنجن ماڻهن کي بلاجواز لاڪ اپ ڪري ڇڏيائين ۽ اتي موجود علي مدد مهتم جيڪو ايس ايڇ او مبارڪپور جو خاص ماڻهون آهي، ان اسان کي چيو ته پنجٽيھ هزار ڏيو ته مان اوهان جي جان ڇڏرايان جنهن تي اسان ان کي جواب ڏنو ته ظلم به اسان سان ۽ گرفتار به اسان کي ڪيو ويو آهي. جنهن تي هو ڏمرجي پيو ۽ اسان جي پيرسن ۽ نوجوانن کي مارڪٽ ڪري چيو ته علي مدد کان معافي وٺو . مظاهرين احتجاج ڪندي ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته اسان جي معاملي جي ڪنهن ايماندار آفيسر کان جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو