ايس ايڇ او جي وڪيل سان بدتميزي، وڪيلن جو احتجاج

سانگهڙ (رپورٽ:ذوالفقارشاھ) ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن  پاران ايس ايڇ او طفيل ڀٽو جي وڪيل اقرار پنهور سان ڪيل مبينه بدتميزي خلاف عدالتي ڪارروايون بند ڪري صدر ظفر حيات شاھ جي سربراهي هيٺ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. هن موقعي تي بار ايسوسيئيشن سابقه صدر طارق محبوب جو چوڻ هو ته ايس ايڇ او طفيل ڀٽو اسانجي وڪيل سان تمام گهڻي زيادتي ڪئي آهي جيستائين ايس ايڇ او کي بدلي نٿو ڪيو وڃي اسان جو احتجاج رهندو هن ڊي آئي جي ۽ آئي جي سنڌ کان گهر ڪئي ته فوري طور تي ايس ايڇ او کي بدلي ڪيو وڃي سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر سائين بخش نظاماڻي جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ايس ايڇ او کي بدلي نه ڪيو ويو ته سنڌ بار ڪائونسل پوري سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ ڏيندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو