ايس ايس پي جو حڪم نه مڃڻ تي 3 ايس ايڇ اوز معطل

جيڪب آباد (دولت گل مستوئي )ايس ايس پي جا حڪم مڃڻ کان انڪار تي 3 ايس ايڇ اوز سسپنڊ ڪري کين لائين حاضر ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو. ذريعن موجب  ايس ايس پي بشير احمد بروهي پاران مولاداد ٿاڻي جي حد مان گرفتار ٿيل ڪجهه ماڻھن کي ٿاڻي تي ناحق باندي بڻايل آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته ايس ايڇ و آرڊي 52 نعمت الله کهاوڙ پاران انڪار ڪيو ويو ساڳيو حڪم ايس ايڇ او آر ڊي 44  کي ڏنو ويو ته ان به غير قانوني طور لاڪپ ڪيل ماڻهو ڇڏڻ کان انڪار ڪيو، ايس ايڇ او ڳڙھي حسن به ايس ايس پي  جي حڪم مڃڻ کان لنوائيندو رهيو ته ايس ايس پي بشير احمد بروهي هڪ حڪم تحت 3 ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي سسپنڊ ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن بعد ايس ايڇ او ڳڙھي حسن امداد ابڙو پاران غلطي جي معافي ورتي ۽ حڪم جي تعميل ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو