ايس ايس پي آفيس آڏو صحافين جو ڌرڻو ۽ پوليس خلاف نعرا

دادو(ڊر)صحافين جو پوليس گردي خلاف تاريخي احتجاجي ڌرڻو ايس ايس پي آفيس جي گيٽ اڳيان انڊس هاءِ وي تي صبح کان شام تائين 6 ڪلاڪ لاڳيتو قلم ڌَڻين جي احتجاج رنگ لاتو ايس ايس پي دادو اعجاز احمد شيخ ڌرڻي واري هنڌ پهچي.صحافين جا مطالبا تسليم ڪيا سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي مرڪزي صدر غازي جهنڊير ضلع دادو جي صدر غوث جهتيال ۽ ٻين تنظيم جي مرڪزي اڳواڻن ۽ ضلعي دادو جي عهديدارن ڌرڻي جي قيادت ڪئي.ڌرڻو دادو ۾ سيتا روڊ جي صحافي رميز راجا چنه تي پوليس اهلڪارن جي تشدد ۽ مٿس ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪرڻ واري عمل خلاف ڪيو ويو هو.ان موقعي تي سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي مرڪزي صدر غازي جهنڊير ڌرڻي واري هنڌ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ جتي به صحافين سان پوليس گردي ۽ داداگيري ۽ ناانصافي ٿيندي اتي سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل ان صحافي جو ساٿ ڏيندي ۽ قانوني طور تي به سندس مدد ڪئي ويندي.ڌرڻي واري هنڌ ايس ايس پي دادو اعجاز احمد شيخ ، ڊي ايس پي سٽي عبدالخالق وڳڻ ۽ ڊي آءِ بي انچارج انسپيڪٽر عبدالستار ميراڻي صحافين کي خاطري ڪرائي ته آئينده ڪنهن به ورڪنگ جرنلسٽس سان پوليس اهڙو رويو اختيار نه ڪندي جيڪي اهلڪار ملوث آهن انهن خلاف ڪاروائي ڪري رهيا آهيون.ڌرڻي کي دادو پريس ڪلب جي صدر صابر علي ڀنڊ،ڦورٿ پلر ميڊيا واچ ڊاگ جي مرڪزي صدر فاروق مرزا واشنگٽن مان ٽيليفونڪ خطاب ڪيو،جڏهن ته سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي مختلف يونٽن جي عهديدارن ۽ پريس ڪلبن جي عهديدارن ۽ سينيئر صحافين مختلف وفدن جي صورت ۾ ڌرڻي واري هنڌ پهتا.هن تاريخي ڌرڻي کي نظام شيخ،طارق لغاري،ڊاڪٽر آفتاب ڀنڊ،حاڪم لغاري،ظهير چانڊيو،عبدالغني ميراڻي،سڌير چانڊيوم صابر ڪولاچي، مقصود چانڊيو،سرور جلال سولنگي،نياز چانڊيو.فتاح شيخ،لياقت ملڪ،ايس ايم لغاري،آصف آرائين،علي گوهر سومرو،شبير مستوئي،علڻ نائچ،آزاد بلوچ،درياءَ خان جهتيال،عابد لاشاري،مشتاق روڌناڻي،ارشاد کوسو،امتياز ٻگهيو،عبدالرحمان قمبراڻي، اخلاق احمد چانڊيو،دانش خشڪ، ڪامران ڪورائي، سڪندر ڀٽو،آصف سومرو، اسد جاني جتوئي، ديدار شيخ،عزيز الله خاصخيلي، حبدار ٻٻر،مشتاق شاهاڻي، رباني بلوچ، برڪت جهتيال،مصطفيٰ پنهور،سرداري سخي چارڻ،رضوان منگي،شيراز شيخ، شوڪت ملاح،الله بخش خشڪ ۽ ڌرڻي ۾ سياسي،سماجي،مذهبي اڳواڻن محمد بخش ڪورائي،غلام نبي جمالي،بشير سولنگي، ٽائيگر شبير سولنگي،پير مٺل، سجاد پنهور،صابر ميمڻ،فرحان سيال، فياض ڏاوڇ،محبوب سنڌي،جماعت اسلامي جي امير مولوي واحد بخش ٻٻر ۽ ٻين شهرين ڀرپور شرڪت ڪئي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو