ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ تي دڪان ۽ بئنڪون سيل

جيڪب آباد (ن سنڌ يار) جيڪب آباد جي  ڊپٽي ڪمشنر  ۽ سينيئر سپريڊنت آف پوليس ڪورونا جي سلسلي ۾ ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ شھر جو گشت ڪيو ۽ ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ ٻه خانگي بينڪون، 12 دڪانون، ھڪ ھوٽل سيل ڪري ڇڏيو. ڪورونا جي نئين لھر بعد سنڌ حڪومت پاران ڏنل ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جي سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر غضنفر علي قادري ۽ ايس ايس پي محمد طارق نواز شھر ۾ نڪري پيا. شھر جي بانو بازار، ڪاشيرام پل، صرافه مارڪيٽ ۽ شاهه ڀٽائي بازار سميت مختلف ھنڌن تي وڃي ڪورونا جي لاءِ ڏنل ايس او پيز جي سلسلي ۾ معائنو ڪيو، شھر جي بانو بازار ۾ دڪاندارن پاران ايس او پيز تي فالو نه ڪرڻ جي الزام هيٺ 12 دڪان سيل ڪيا ويا، جڏهن ته ٽاور روڊ تي ٻن خانگي بينڪن کي ايس او پيز نظرانداز ڪرڻ تي پڻ سيل ڪيو ويو، جڏھن ته ھڪ ھوٽل کي به ڀڃڪڙي ڪرڻ تي سيل ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو