ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ تي سعيد غني جي عملي کي ڇنڊ

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) ڪورونا بعد کليل تعليمي ادارن لاءِ جاري ڪيل ايس او پيز تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ لاءِ تعليم وارو صوبائي وزير سعيد غني لاڙڪاڻو پهچي ويو. هن مختلف سرڪاري اسڪولز ۽ ڪاليجز جا دورا ڪيا، استادن ۽ شاگردن سان ڳالهه ٻولهه ڪري معلومات ورتي. جنهن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايس او پيز تي عمل نه پي ٿئي.هن  استادن جي دير سان پهچڻ ۽ شاگردن ۾ سماجي وٿيءَ سوڌو ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي عملي کي ڇنڊ پٽي. لاڙڪاڻو جي تعليمي ادارن ۾ هڪ ڊيسڪ تي هڪ بدران ٻه ٻه شاگرد ويٺل نظر آيا، دورن دوران سعيد غني شاگردن سان به ايس او پيز بابت ڪچهري ڪئي، صوبائي وزير چيو آهي ته افسوس آهي جو ڪيترن ئي سرڪاري توڙي نجي تعليمي ادارن ۾ ايس او پيز تي عمل نه ٿي رهيو آهي، ٻارن جي صحت سڀ کان وڌيڪ اهم آهي، اُن جو ڀرپور نموني خيال رکيو وڃي ۽ عمل نه ڪندڙ عملي خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو