ايريگيشن ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

سانگھڙ (رپورٽ نادر بڙدي)ايريگيشن يونين جي اڳواڻن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، پريس ڪلب سانگھڙ آڏو مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن فقير علي بخش مھر، يوسف مري، نجف مري ، ايس ٽي پي اڳواڻ علي ڏنو خاصخيلي، ياسين ڪٽوھر چيو ته سنڌ حڪومت ۽ ايريگيشن کاتي پاران ڪيل واعدن باوجود اڃان تائين ايريگيشن ايل بي او ڊي جي ملازمن جون آئي ڊيون نه کوليون ويون آهن جنھن ڪري شديد پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هنن چيو ته ماليات کاتو سانگھڙ مسلسل ملازمن کي تنگ ڪري رهي آهي ۽ ھيلن بھانن سان اسان کان رشوت طلب ڪئي پئي وڃي ۽ رشوت نه ڏيڻ ڪري اسان جون آئي ڊيون نه پيون کوليون وڃن ھنن چيو ته اسان جي نالي سان ھڪ ڪوڙي يونين ٺاهي وئي آهي جنھن کي اسان نٿا مڃون مظاھرو ڪندڙن مطالبو ڪندي چيو ته ڪوڙي يونين فوري طور ختم ڪئي وڃي ۽ ملازمن جون آئي ڊيون فوري طور تي کولي ملازمن ۾ ڦهليل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو