ايران ۽ سعودي مان آيل خاندان جي وائرس ٽيسٽ منفي

بخشاپور(سھيل جان ڊومڪي)ڳوٺ سومرا خان گولاٽو ۽ ڳوٺ ڪوڙائي ۾ 15 ڏينهن اڳ سعودي عرب ۽ ايران مان آيل ڳوٺاڻن کي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هجڻ جي شڪ واري خبرن بعد رورل ھيلٿ سينٽر جي ٻن ڊاڪٽرن تي ٻڌل ٽيم ايمبولنس ۾ اسپتال عملي سان گڏ ڳوٺاڻن وٽ پهتي جڏهن ته ڊاڪٽرن جي ٽيم ڳوٺاڻن کان ڪورونا وائرس جي علامت  بابت مڪمل تفصيل ورتا ان موقعي تي ڳوٺاڻن حسن علي خان محمد ريحان خان۽ دائم خان سميت ٻارنهن ڄڻن جي اسڪرينگ ڪئي ان موقعي تي ڊاڪٽر آصف ڊومڪي ۽ ڊاڪٽر طارق علي ٻڌايو ته ڳوٺاڻن کي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هجڻ جون ڪي به علامتون ڪونه مليون آهن. واضع رهي ته عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب  بخشاپور رورل ھيلٿ سينٽر ۾ ٽن ڪمرن اندر 6 بسترن تي مشتمل  آئيسوليشن وارڊ پڻ قائم ڪيو ويو آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو