ايران آمريڪا ڇڪتاڻ، تيل ۽ سون جي قيمتن ۾ رڪارڊ اضافو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايران جي عراق ۾ آمريڪي فورسز تي ميزائل حملن کان پوءِ ايشيا ۽ آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ ٻاڙائي، تيل ۽ سون جي قيمتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي. برطانوي خابرو اداري رائٽرز مطابق اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ ٻاڙائي سون ۽ تيل جي قيمتن ۾ اضافي سبب وچ اوڀر جي صورتحال تي سرمائيڪارن تشويش جو اظهار ڪيو آهي. جنوري ۾ عراق جي گادي واري شهر بغداد ۾ آمريڪي ڊرون حملي ۾ ايران جي القدس فورس جي ڪمانڊر جنرل قاسم سليماني جي مارجڻ کان پوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل ۽ سون جي قيمتن ۾ مسلسل اضافو جاري آهي. جڏهن ته دنيا جي ڪيترن ئي وڏين منڊين ۾ به شديد ٻاڙائي جو رجحان آهي. آمريڪي ريٽنگ ايجنسي بلومبرگ جي رپورٽ مطابق عالمي منڊي ۾ سون جي قيمتن ۾ 22 ڊالرن جي اضافي کان پوءِ 1596.30 في اونس جي بلند سطح تي پهچي وئي آهي. رپورٽ مطابق 6 سالن ۾ يعني 2013 کان وٺي هن مهل تائين سون سڀ کان وڌيڪ بلند سطح تي پهچي ويو آهي. ايراني ڪمانڊر قاسم سليماني جي قتل جي جواب ۾ ايران عرق ۾ آمريڪي فوجين جي استعمال هيٺ اڏن تي حملو ڪرڻ جي نتيجي ۾ عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ 3.5 فيصد اضافو ٿي ويو آهي. ايراني حملي سان جاپان نڪئي انڊيڪس ۾ به منفي رجحان آهي ۽ انڊيڪس 2.4 فيصد کان وڌيڪ ڪري پيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو