ايراني صدر آمريڪا کي وحشي قرار ڏئي ڇڏيو

تهران (ويب ڊيسڪ) آمريڪا پاران ايران تي لاڳو ڪيل نين پابندين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي صدر حسن روحاني آمريڪا کي وحشي قرار ڏنو آهي. هن ايراني شهرين تي زور ڀريو آهي ته هو پنهنجي ڪاوڙ، نفرت ۽ بددعا جو محور وائيٽ هائوس کي بڻائين ۽ کين دنيا ۾ وائکو ڪن. هن چيو ته اسان ڪنهن ملڪ جو ايترو وحشي پڻو ناهي ڏٺو. آمريڪا ٻه ڏينهن اڳ انساني حقن جي خلاف ورزي جو الزام لڳائيندي ايران جي ججن ۽ سرڪاري عهديدارن تي پابندي مڙهڻ جو اعلان ڪيو هو. پابندي لاڳو ڪيل ججن مان هڪ اهو آهي جنهن ايراني ريسلر نويد افڪاري کي موت جي سزا ٻڌائي هئي. ايران تي معاشي پابنديون اڳ م ئي لاڳو آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو