ايئر فورس جو تربيتي جنگي جهاز تباهه، پائلٽ محفوظ رهيا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ايئر فورس جو تربيتي جنگي جهاز فني خرابي سبب اٽڪ ويجهو ڪري تباهه ٿي ويو. جهاز ۾ سوار ٻئي پائلٽ ٽپو ڏئي ٻاهر نڪري آيا ۽ محفوظ آهن. ايئر فورس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جهاز ويران هنڌ تي ڪريو ڪو جاني يا مالي نقصان ناهي ٿيو. ياد رهي ته گذريل سال پي اي ايف جا پنج جهاز تباهه ٿيا هئا، جن مان 4 تربيت دوران ۽ هڪ 23 مارچ جي پريڊ جي ريهرسل دوران تباهه ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو