ايئرمارشل ارشد محمود ملڪ جي بحالي واري درخواست رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر (سي اي او) ائيرمارشل ارشد محمود ملڪ کي بحال ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ ۾ قومي ايئرلائين پي آءِ اي جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر ايئرمارشل ارشد محمود کي ڪم کان روڪڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت سي اي او پي آءِ اي ارشد محمود جي ڪم تي بحال ڪرڻ جي استدعا رد ڪندي پي آءِ اي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز کي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني. سپريم ڪورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ کان ڪيس جا تفصيل طلب ڪندي سي اي او ۽ پي آءِ اي جو ڪيس نجڪاري ڪيس سان ڳنڍي ڇڏيو. چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏنا ته پي آءِ اي ۾ سفر ڪري ته ڏسي پي آءِ اي ڪنهن جي جاگير ناهي اهو قومي اثاثو آهي سي اي او کي عارضي انتظامن موجب آندو ويو هو هو پاڻ ڊيپوٽيشن تي آيو ۽ 10 ماڻهن کي پاڻ سان گڏ وٺي آيو پي آءِ اي جو چيئرمين قانون مطابق اچڻ گهرجي حڪومت طريقيڪار مطابق پي آءِ اي جو نئون سربراهه مقرر ڪري خبر ناهي ايئرمارشل پي آءِ اي کي ڪيئن هلائيندو بهتر آهي ته ايئرمارشل کي واپس ئي وڃڻ گهرجي حڪومت پي آءِ اي کي ڇو هلائي رهي آهي ان مان بهتر آهي ته پي آءِ اي کي پاڪستان ايئرفورس حوالي ڪيو وڃي. اٽارني جنرل چيو ته سي اي او جي مقرري لاءِ اشتهار ڏنو ويو هو ارشد محمود کي طريقيڪار مطابق پي آءِ اي جو سي اي او مقرر ڪيو وي. جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته جڏهن کان هي آيو آهي ته سئو فيصد ڪرايو وڌايو ويو آهي اسان کي ڏسڻو پوندو ته اشتهار جو ڪو خاص ڊيزائن ته جاري ناهي ڪيو ويو پراڻن اشتهارن جو به جائزو ورتو ويندو جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 2 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته 31 ڊسمبر تي سنڌ هاءِ ڪورٽ قومي ايئرلائين جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر ايئر مارشل ارشد محمود کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو ۽ اداري ۾ نئين ڀرتين،ملازمن کي ڪڍڻ ۽ انهن جي بدلين مقررين تي به پابندي لڳائي هئي. ارشد محمود پنهنجي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو