او پي ايس تي مقرر ڪيل آفيسر هٽائي رپورٽ ڏيو، عدالت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ مختلف کاتن ۾ او پي ايس تي مقرر ڪيل سمورن آفيسرن کي فوري هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت 10 ڏينهن ۾ اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪرڻ جو به حڪم ڏنو. ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته جڏهن سينيئر آفيسر موجود آهن ته پوءِ جونيئرز کي اضافي چارج ڇو ٿي ڏني وڃي؟، اسپتال جو ايم ايس، سيڪريٽري کان سڌي ريت بجيٽ رليز ڪرائي ٿو، هي ڪهڙو مذاق آهي؟، 3 مهينن ۾ سنڌ گورنمينٽ ٽيچنگ اسپتال مينجمينٽ بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ياد رهي ته  صوبي ۾ 122 ڪامورا او پي ايس تي مختلف کاتن ۾ مقرر ٿيل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو