اوڍا ۽ خروس ڌرين ۾ جهيڙو پيءُ پٽ قتل، عورت زخمي

ڳڙھي ياسين(ن س )ڳڙھي ياسين ۾ اوڍا ۽ خروس برادرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو خروس برادري جي ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيءُ،پُٽُ قتل ٿي ويا. منظور خروس ۽ خير محمد اوڍو جي ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻي خوني تڪرار تان خروس ڌر جي ھٿياربندن ڳڙھي ياسين کان موٽرسائيڪل تي ڳوٺ تاجوديرو ويندڙ حضوربخش اوڍو ،18 ورھين جو پٽ اويس احمد ۽ سندس گھر واري مسمات نواب خاتون مٿان گولودڙو ٿاڻي جي حد ريگيوليٽر پل وٽ مٿن ڇتي فائرنگ ڪري ڏني فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب حضوربخش اوڍو ٿڏي تي مارجي ويو جڏھن ته پُٽ اويس اوڍو سندس گھر واري مسمات نواب خاتون سخت زخمي ٿي پيا،اطلاع تي گولودڙو ٿاڻي جي پوليس زخمي ۽ مارجي ويل جو لاش کڻائي ڳڙھي ياسين اسپتال آندو جتي زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ ڪري کيس لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته رستي ۾ ئي زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو،اطلاع تي اوڍا برادري جا سوين ماڻھون اسپتال پھچي ويا مارجي ويل پيءُ پُٽَ جي لاشن جا پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا،ٻڌايو وڃي ٿو ته ٻنھي ڌرين ۾ 13 سال اڳ زمين جي معامري تان خوني تڪرار شروع ٿيو جنھن جي نتيجي ۾ اوڍا برادري جا 16 ڄڻا ۽ خروس ڌر جا ٻه ڄڻا گولين جو بُکُ بڻجي چڪا آھن جڏھن ته آخري اطلاعن تائين گولودڙو ٿاڻي تي واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو