اوڌر نه ڏيڻ تان سينيٽر جي پٽن جو دوڪاندار کي ڪٽڪو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي سينيٽر جي ٻن پٽن دوڪاندار کي اوڌر تي سامان نه ڏيڻ تان ڪٽڪو ڏئي ڇڏيو. ايف اليون ۾ پيش آيل واقعي دوران دوڪان ۾ موجود عورت سينيٽر جي پٽن کي منع ڪئي ته هنکي به گاريون ڏنائون. جنهن بعد ريسڪيو ون فائيو تي شڪايت ڪئي وئي ته پوليس جي اچڻ کان اڳ جوابدار فرار ٿي ويا. پوليس اڳوڻي سينيٽر جي گهر وئي ته سندن والد ۽ ٻئي پٽ گهر تي موجود نه هئا. شاليمار ٿاڻي تي پوليس ڪيس داخل ڪيو آهي پر ڪا به گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي.

پهنجو تبصرو موڪليو