اوڌر تي سامان نه ڏيڻ تان ڪارنهن الزام هڻي ڏنڊ ڀرائيندڙ گرفتار

سکر(رپورٽ امداد ڪلوڙ) اوڌر تي سامان نه ڏيڻ تان ڪرياني جي دڪاندار ۽ سبزي فروش کي ڪارو قرار ڏئي جرڳي ۾ 16 لک ڏنڊ وجهڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي پوليس جرڳو ڪندڙ سليم خان کوسو کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. اهڙو اظهار سکر جي ايڊيشنل آءِ جي ڊاڪٽر جميل احمد سومر تي پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. هن ٻڌايو ته جيڪب آباد ضلعي جي تعلقي ٺل جي يونين ڪائونسل باهو کوسو جي رهواسي غلام شبير مرهٽو پنهنجي ڀيڻ ۽ سوٽ سان ڪارنهن جو ڪوڙو الزام مڙهي دڪاندار عبدالوحيد سندراڻي ۽ سبزي فروش عبدالحڪيم مرهٽو کان 8 لک روپيا عيوضو به ڀرايو آهي، جيڪو متاثرن کي واپس ڪرايو ويندو. عبدالوحيد موجب غلام شبير ڏانهن 15 هزار اوڌر ٿي وئي، اها گهرڻ ۽ وڌيڪ اوڌر نه ڏين تان الزام هنيائين. جڏهن ته سبزي فروش چيو ته کائنس 3 هزار جي اوڌر کنئي هئائين ۽ واپس گهرڻ تي مٿس الزام هنيو ويو. پوليس آفيسر وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار غلام شبير مرهٽو ۽ الزام هيٺ آيل چوڪريون پوليس جي حراست ۾ آهن، مٿن آباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ جرڳو ڪندڙ سليم خان کوسو جيڪو ڪراچي ڀڄي ويو آهي، تنهن جي گرفتاري لاءِ ايس ايڇ او سائيٽ سکر جي سربراهي ۾ ٽيم ڪراچي ويل آهي. پوليس آفيسر جوابدارن کي ميڊيا آڏو پيش ڪيو جن ڏوهه جو اعتراف ڪيو. سليم کوسو ڪجهه وقت اڳ سکر ۾ ڪيل جرڳي ۾ اٺ اٺ لک روپيا ڏنڊ وڌو هو ۽ الزام هيٺ آيلن کان موقعي تي چار چار لک وصول ڪيا هئا ۽ باقي رقم اڃا ادا ڪرڻي هئي. ياد رهي ته اتر سنڌ ۾ اهڙا واقعا عام آهن ۽ ساڳئي جوابدار اڳ ۾ دڪاندار جي ڀاءُ جيڪو وڪيل آهي ان کان پڻ ڏنڊ وصول ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو