اوٻاوڙو (ن س) اوٻاوڙو ۾ سيلرا ۽ شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران 3 ڄڻن جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مقتولن جا مڙهه جنازي نماز بعد اباڻي قبرستان گلڻ شاھ ۾ آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا. ڳوٺ محبوب سيلرو تي شر برادري جي هٿياربندن ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ٽي خون ڪيا هئا. حملي ۾ الله بچايو سيلرو، جيوڻ سيلرو ۽ عبدالرسول سيلرو مارجي ويا هئا، جڏهن ته پنجڻ سيلرو ۽ خير محمد سيلرو زخمي ٿيا هئا. واقعي جي ماڇڪو ٿاڻي تي شير محمد سيلرو جي فرياد تي شر برادري جي عمر شر، علي حسن شر ، ڪريم شر ، شاهنواز شر ، نادر شر ۽ شهزادو شر سميت 30 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ماڇڪو پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون جاري آهن. علائقي ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي، جنهن سبب علائقي واسي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن، ڌريون مورچا بند آهن.
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، پرڏيهي آفيس
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو
اسرائيلي حملي جو مناسب جواب ڏنو ويندو، ايران
پنجاب جي ضمني چونڊ، 10 ضلعن ۾ قلم 144 لاڳو
ورلڊ اوپن اسڪواش: پاڪستان جو حمزه خان مين ڊرا ۾ شامل
سلمان خان جي گهر ٻاهران سيڪيورٽي سخت
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب ميچ ڪينسل