اوٻاوڙو لڳ واهه مان لاش هٿ. صالح پٽ ۾ نينگر ٻڏي فوت

ڪراچي (نمائندن وٽان) صالح پٽ لڳ ٻن سالن جو ٻارڙو واٽر ڪورس ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو جڏهن  ته هڪ ٻئي علحده پيش آيل واقعي ۾ گم ٿي ويل جوجوان جو لاش واهه مان هٿ آيو آهي.*** اوٻاوڙومان غلام علي رند موجب ڳوٺ پيراڻو شر واسي نوجوان غلام مرتضيٰ شر جو سيهڙ واھ مان لاش ھٿ آيو آهي. نوجوان 3 ڏينهن اڳ پر اسرار نموني گم ٿي ويو هو جنهن جو  لاش ھٿ اچڻ تي کينجهو پوليس موقعي تي پهچي لاش اسپتال کڻائي آئي. مقتول جي ڀاءُ قطب ۽ والد بشير احمد ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي اسين ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. ***صالح پٽ مان نياز مهر موجب آرڊي 71 وٽ واٽر ڪورس ۾ ڪري 2 ورھين جو معصوم ٻارڙو عبدالماجد ولد جمعو ابڙو فوت ٿي ويو  ٻارڙي جي ماءُ واٽر ڪورس تي  ڪپڙا ڌوئي رهي هئي ته ڀرسان ويٺل معصوم ٻارڙو بامبڙا پائيندي وڃي پاڻي ۾ ڪريو جنهن کي وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال کڻائي اچي رهيا هئا ته معصوم ٻارڙو رستي ۾ فوت ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو