اومي ڪرون هوندي به آسٽريلوي ٽيم پاڪستان جو دورو ڪندي

سڊني(ويب ڊيسڪ)ڪرڪيٽ آسٽريليا جي چيف ايگزيڪيوٽو نِڪ هاڪلي جو چوڻ آهي ته اومي ڪرون سبب صورتحال ڏکي آهي پر پوءِ به شيڊول موجب پاڪستان جو دورو ڪنداسين.آسٽريلين ڪرڪيٽ جي چيف ايگزيڪيوٽو پاڪستان جي دوري بابت جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته آسٽريليا جي سيڪورٽي ٽيم تازو ئي پاڪستان جي دوري تي وئي هئي ۽ صورتحال جو جائزو ورتو آهي. هن چيو ته هو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان هر معاملي ۾ مڪمل رابطي ۾ آهن.نڪ هاڪلي وڌيڪ چيو ته اومي ڪرون جي ڪري صورتحال ڏکي آهي پر پاڪستان اچڻ لاءِ پرعزم آهيون، واضح رهي ته آسٽريلوي ٽيم 24 سالن کانپوءِ ايندڙ سال مارچ ۾ پاڪستان جو دورو ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو