اوميڪرون وائرس جا بلوچستان ۾ 12 ڪيس رپورٽ

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ)بلوچستان ۾ ڪورونا وائرس جي نئين قسم ”اوميڪرون“ جا 12 شڪي ڪيس سامهون آيا آهن. بلوچستان جي ڪووڊ آپريشن سيل جي انچارج ڊاڪٽر نقيب الله نيازي ٻڌايو ته بلوچستان ۾ اوميڪرون جا 12 شڪي ڪيس سامهون آيا آهن. هن چيو ته بلوچستان جي شهر قلات ۾ نئين قسم جي ڪورونا جا ڪيس سامهون آيا آهن ۽ شڪي ڪيسن جا نمونا تصديق لاءِ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ موڪليا آهن. ڊاڪٽر نقيب الله ٻڌايو ته نمونن جي رپورٽ اچڻ تي اوميڪرون جي تصديق ڪئي ويندي، جڏهن ته متاثر ماڻهن کي قرنطينه ۾ رکيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو