ڏکڻ آفريڪا جي انگلينڊ کي شڪست پر سيمي فائنل مان آئوٽ

شارجا(ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا گروپ ون جي هن مهل تائين ناقابل شڪست رهندڙ انگلينڊ جي ٽيم کي دلچسپ مقابلي بعد 10 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي پر رن ريٽ گهٽ هئڻ سبب سيمي فائنل مان آئوٽ ٿي وئي. هاڻي انگلينڊ ۽ آسٽريليا گروپ ون مان سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪيون آهن. ڌکڻ آفريڪا 190 رنز جو انگلينڊ کي ٽارگيٽ ڏنو. انگلش ٽيم جيسن راءِ ۽ جوز بٽلر جارحاڻي شروعات ڪئي پر پير ۾ موچ اچڻ سبب جيسن راءِ 15 بالن تي 20 رنز ـاهي رٽائرڊ هرٽ ٿيو، بتلر 26 ۽ معين علي 37 تي آئوٽ ٿيا. جوني بيئر اسٽوو هڪ ڊيوڊ ملن 33 ۽ ليم لونگ سٽون 28 تي آئوٽ ٿيا. ڪپتان  ايئن مورگن 17 ۽ ووڪس 7 تي ناٽ آئوٽ رهيا. ان کان اڳ ڏکڻ آفريڪا ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 189 رنز ٺاهيون. اوپنر رضا هينرڪ 2 ۽ ڊي ڪاڪ 34 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا جنهن بعد راسي وين ڊر ڊسن 60 بالن 94 ۽ ايڊن مرڪرم 25 بالن تي 52 ناٽ آئوٽ رهيا. مرڪرم ڪي ايل راهل بعد هن ورلڊ ڪپ ۾ تيز ترين ففٽي ٺاهي. هن ميچ ۾ جيڪڏهن ڏکڻ آفريڪا هارايو ته هو ٽورنامنٽ کان ٻاهر ٿي ويندي پر سٺي مارجن سان کٽڻ جي صورت ۾ سيمي فائنل ۾ پهچي سگهي ٿي ۽ آسٽريليا جو پتو ان صورت ۾ ڪٽجي ويندو. انگلينڊ جي پوزيشن تي ڪو فرق نه پوندو هو اڳ ۾ ئي سيمي فائنل ۾ پهچي چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو