انگلينڊ ٽيسٽ سيريز کٽي ورتي، براڊ جون 500 وڪيٽون

لنڊن(ويب ڊيسڪ) ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ ويسٽ انڊيز کي 269 رنز تان شڪست ڏئي سيريز هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻه ٽيسٽ ميچ کٽي سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. اسٽيورٽ براڊ 10 وڪيٽون حاصل ڪري ورتيون.

مانچسٽر ۾ کيڏيل بارش متاثره ميچ ۾ ويسٽ انڊيز انگلينڊ کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. روري برنز، اولي پوپ، جوز بٽلر اور اسٽيورٽ براڊ جي نصف سينچرين جي مدد سان 369 رنز ٺاهيون. ويسٽ انڊيز جي ڪيماروچ 4 وڪيٽ، شينن گيبريئل ۽ روسٽن چيز ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون. ويسٽ انڊيز پاران ڪو به بيٽسمين ڄمي کيڏي نه سگهيو ڪپتان جيسن هولڊر 46 رنز ٺاهي نمايان رهيو ۽ پوري ٽيم پهرين اننگ ۾ 197 رنز ٺاهي سگهي. ٻئي اننگ ۾ انگلينڊ 256 رنز ٺاهي ٻن وڪيٽن تي اننگ ڊڪليئر ڪئي.برنز 90 رنز ٺاهيون، ڊوم سبلي 56 ۽ جو روٽ 56 ناٽ آئوٽ رهيو. ٻئي اننگ ۾ اسٽيورٽ براڊ تباهه ڪن بالنگ ڪندي 6 وڪيٽون ورتيون ۽ ويسٽ انڊيز کي 399 رنز جو ٽارگٽ ڏنو. چوٿو ڏينهن بارش جي نظر ٿي ويو پر ويسٽ انڊيز 6 رنز تي ٻه وڪيٽون وڃائي چڪي هئي. بارش سبب ميچ ڊرا ٿيڻ جو ڇانس هو پربراڊ ۽ ڪرس ووڪس سندن اميدن تي پاڻي ڦير ڇڏيو ۽ 129 تي پوري ٽيم آئوٽ ٿي وئي. اسٽيورٽ براڊ ٽيسٽ ۾ 500 وڪيٽون وٺڻ جو به ٽارگٽ حاصل ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو