انگلينڊ جي نيوزيلينڊ کي شڪست، پاڪستان سيمي فائنل مان آئوٽ

لنڊن( م ڊ) انگلينڊ هٿان نيوزيلينڊ کي 119 رنسن تان شڪت ڏيڻ کانپوءِ پاڪستان جو ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ تقريبن ناممڪن ٿي ويو. آسٽريليا، ڀارت ۽ انگلينڊ جون ٽيمون سيمي فائنل ۾ پهچي ويون آهن. شڪست جي باوجود نيوزيلينڊ 11 پوائنٽن سان چوٿين نمبر تي آهي جڏهن ته پاڪستان ٽيم جي آخري ميچ لارڊز ۾ بنگلاديش سان آهي. رن ريٽ جي لحاظ کان نيوزيلينڊ سيمي فائنل ۾ پهچي ويندو. ڇو ته پاڪستان جو رن ريٽ خراب رهيو آهي، جيڪڏهن پاڪستان بنگلاديش کان ميچ کٽي به وچي ته ان صورت ۾ سندس پوائنٽس ته نيوزيلينڊ جي برابر ٿي وينديون پر وري به بهتر رن ريٽ سبب سيمي فائنل ۾ نيوزيلينڊ ئي ويندي. ها هڪ معجزو جيڪو بظاهر نا ممڪن آهي ته پاڪستان بنگلا ديش کي 316 رنز تان شڪست ڏئي ته پوءِ هو سيمي فائنل ۾ پهچي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو