انڪم سپورٽ جي قسط، عورتون پريشان، ايجنٽ سرگرم

شاهپورجهانيان(مشتاق ڏاهري) شھر ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط جي ادائگي شروع ٿيڻ شرط  مسڪين عورتون در بدر ٿيڻ لڳيون، عورتن جو چوڻ آھي ته ڪهر جي گرمي آھي  ڇانو جو ڪوبه بندوبست ناهي نه ئي ڪو پاڻي جو بندوبست آھي. هنن چيو ته سينٽر ٻاهران ايجنٽ هر عورت کي هي چئي ڪارڊ وٺن ٿا ته اسان کي هر ڪارڊ تي ڪمشن 500 رپيا نه ڏئي وئي ته توهان جا ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويندا.  اسان عورتن جي تذليل ٿي رهي آھي، سفارش تي پيسا ڏنا پيا وڃن ۽ ايجنٽ به سرگرم ٿي ويا آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو