انڊس هاءِ وي تي 2 ڪارن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، 6 ڄڻا زخمي

مانجهند (مهراڻ عمراڻي) خاڻوٺ لڳ حبيب الله موڙ انڊس هاءِ وي تي ڄامشورو کان سيوھڻ  ويندڙ ڪرولا ڪار ۽ سيوھڻ کان ڄامشورو طرف ويندڙ مھراڻ ڪار ۾ آمھون سامھون ٽڪر  ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ مھراڻ ڪار سوار شھدادڪوٽ واسي 4 ڄڻا اعجاز مگسي، مولابخش مگسي، ثناءُالله مگسي ۽ منظور مگسي شديد زخمي ٿي پيا. جڏهن ته ڪرولا ڪار جا 2 سوار پڻ معمولي زخمي ٿي پيا. زخمين کي مقامي ماڻھن  لمس اسپتال ڄامشورو  منتقل ڪيو. خاڻوٺ پوليس ڪارن کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو