انڊس هاءِ وي تي مختلف جاين تي 3 حادثا، هڪ فوت 6 ڄڻا زخمي

ڪراچي(نمائندن وٽان) انڊس هاءِ وي تي ڪنڌ ڪوٽ، کاڻوٺ ۽ راڄڙي وٽ اربع تي ٽي ڌار ڌار روڊ حادثا ٿيا، جن ۾ هڪ فوت ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڪنڌڪوٽ مان غالب بلوچ موجب انڊس ھاءِ وي تي سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ٻن تيز رفتار موٽر سائيڪلن وچ ۾ آمھون سامھون ٽڪرٿي پيو جنھنجي نتيجي ۾ ھڪ معصوم ٻارڙي سميت چار ڄڻان زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ نبي بخش، لياقت علي ۽ شوڪت علي ڀنگوار شامل آھن جن کي فوري طبي امدادلا۽ ڪنڌڪوٽ اسپتال آنندو ويوجنھن مان ٻن ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اماڻيو ويو. ****مانجهند مان مهراڻ عمراڻي موجب خاڻوٺ ويجهو حبيب الله موڙ انڊ س هاءِ وي تي سيوهڻ کان ڄامشورو طرف ويندڙ تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر هڻڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺ ڀورو خان رند جا رهواسي هدايت الله رند ۽ انب خان رند سخت زخمي ٿي پيا جن کي مقامي ماڻھن لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو هوڏانهن خاڻوٺ پوليس جو دير سان پهچڻ ۽ ناڪابندي نه ڪرائڻ سبب ڊرائيور ڪار سميت فرار ٿي ويو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيوهو.**** انڊس هاءِ وي تي راڄڙي وٽان روڊ پار ڪندڙ واٽھڙو 10 ورهين جي نينگر جمشيد ولد امين گل کوسو کي سيوهڻ کان ڄامشورو ويندڙ  تيز رفتار ڪار  ٽڪر هڻي  سخت زخمي ڪري ڇڏيو  جنهن کي ساڳئي ڪار سوار  ڳڻتي جوڳي حالت ۾  لمس اسپتال ڄامشورو کڻائي وڃي رهيا هئا ته خاڻوٺ ويجهو رستي ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جنهن جي لاش کي ڪار ڊرائيور ويران  رستي ۾ اڇلائي فرار ٿي ويو جنهن  جي لاش کي مقامي ماڻھن پوسٽ مارٽم لا۽ تعلقه اسپتال مانجهند آندو جتي پوسٽ مارٽم بعد مڙھ کي وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کي ڳوٺ راڄڙي کڻائي پهتا ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو