انڊس هاءِ وي تي خوفناڪ حادثو 5 ماڻهو فوت، 5 زخمي

مانجهند (مهراڻ عمراڻي)سن ڀرسان خوفناڪ روڊ حادثو 5 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۽ 5 ٻيا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.سن ويجهو  ڳوٺ قبي شاخ  انڊس هاء وي تي سيوهڻ کان ڪراچي ويندڙ ۽ ڄامشورو کان سيوهڻ طرف ويندڙ ٻن تيز رفتار ڪارن جي آمهون سامهون ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻنهي گاڏين جا 5 ڄڻا مسافر موقعي تي فوت جڏهن ته  5 ڄڻا زخمي ٿي پيا فوتين ۾ ڪراچي واسي  40 ورهين جو عبدالغفور 45 ورهين جو غوث بخش 35 ورهين جو  غلام مصطفي ۽ سجاول واسي 50 ورهين جو احمد علي 48 ورهين جو امجد عباسي شامل آھن زخمين ۾ مجيد مڱڻھار شاهد علي شڪيل احمد نظير احمد محسن چنڙ شامل آھن  فوتين جي لاشن ۽ زخمين کي موٽر وي پوليس مختلف واٽھڙو گاڏين ۾ ھيلٿ سينٽر سن منتقل ڪيو جتي سهولتون نه هئڻ سبب لاشن کي کليل آسمان هيٺ وڻن هيٺان  رکيو ويو جڏهن ته زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو  فوتين جا وارث پنهنجي پيارن کي اباڻي علائقن ڏانهن کڻائڻ لاء سن پهتا پر ايمبولنس نه هئڻ سبب ٻن ڪلاڪن جي انتظار کان پوء  مختلف شھرن مان ايمبولنسون گهرائي مڙھن کي کڻائي ويا هوڏانهن خوفناڪ حادثي جو ٻڌي وڏي تعداد ۾ سن واسي اسپتال پهچي ويا ۽ لاشن مٿان اجرڪون پڻ رکيون وڏا ڇڇر پوليس ٻنهي تباه ٿيل ڪارن کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو