انڊس هاءِ وي تي حادثي ۾ 2 زخمي، هڪ جي حالت نازڪ

غوثپور(عبدالنبي ملڪ) انڊس ھا۽ وي تي ڳوٺ ڳڙھي لاڙو ڀرسان تيز رفتار سوزوڪي جو سامھون ايندڙ موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب موٽرسائيڪل سوار غوثپور ٿاڻي جو پوليس اھلڪار غلام ياسين اوڳاھي ۽ سندس ساٿي عبدالرسول سخت زخمي ٿي پيا جن کي وارث کڻائي سرڪاري اسپتال ۾ آندو جتي ڊاڪٽرن موجب ھڪ ڄڻي غلام ياسين جي حالت نازڪ ھجڻ سبب کيس سکر اسپتال موڪليو ويو۔ پوليس سوزوڪي ڊرائيور کي سوگھو ڪري سوزوڪي پنھنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو