انڊس هاءِ وي تي حادثو 2 موٽر سائيڪل سوار فوت

ٺل(عبدالنبي شيخ)انڊس ھاءِ وي تي ڳوٺ مارک ڀيو لڳ تيز رفتار ٽرالر جو سامھون ايندڙ موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب موٽر سائيڪل سوار 2 پورھيت چيڀاٽجي فوت ٿي ويا. ڳوٺ رجب علي پھوڙ جا رھواسي 35 ورھين جو نديم احمد ۽ 40 ورھين جو مظھر علي پھوڙ جيڪي ڳوٺ ساماڻو ڀيو ۾ ھڪ نجي ڪمپني جي طرفان ٺھندڙ اسڪول جي عمارت ۾ ڪم ڪندا ھئا ۽ پنھنجي ڊيوٽي پوري ڪري واپس اچي رھيا ھئا ته سندن موٽر سائيڪل جو سامھون ايندڙ ٽرالر سان ٽڪر ٿي پيو، ٻنھي فوتين کي ڳوٺ مارک ڀيو جا رھواسي چنگچي رڪشه ۾ رورل ھيلٿ سينٽر غوثپور کڻائي آيا، جتي سندن پوسٽ مارٽم ڪري لاش وارثن حوالي ڪيا ويا،ھوڏانھن پوليس ٽرالر ڊرائيور جي پيڇي ۾ ويل آھي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ڪيو ويو آھي، ٻئي فوتي نوجوان اڄ ئي ڪم تي چڙھيا ھئا ۽ سندن روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويا،سندن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو