انڊس هاءِ وي تي حادثو هڪ فوت هڪ زخمي

دادو (ن سنڌيار) انڊس هاءِ وي تي شهيد مخدوم بلاول وٽ ٻن تيز رفتار موٽر سائيڪلن وچ ۾آمهون سامهون ٽڪر سبب هڪ فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو. ٽڪر سبب نوجوان واجد علي لاشاري ۽ 17 سالن جو عاشق ٻٻر سخت زخمي ٿي پيا، جن کي دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ آندو ويو، جتي شهيد مخدوم بلاول جو رهواسي نوجوان واجد علي لاشاري زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. زخمي عاشق ٻٻر جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کيس نوابشاھ اسپتال ريفر ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو