انٽر ڊويزنل وومين ٽگ آف وار چيمپئن شپ ۾ ڪراچي ڪامياب

خيرپور (محمد علي جانوري) سنڌ انٽر ڊويزنل وومين ٽگ آف وار چيمپئن شپ جي  شاندار رنگارنگ پڄاڻي خيرپور ۾ ٿي گذري جنهن ۾ ڪراچي چيمپئن بڻجي وئي.  اختتامي تقريب جو مھمان خاص ڊاڪٽر محمد حسين ابڙو ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر خيرپور جن ھئا. چيمپئن شپ جو فائنل بينظيرآباد ۽ ڪراچي يليو جي وچ ۾  سخت مقابلي کان ڪراچي يليو کي 2-0  پل تان کٽي ورتو. ان کان اڳ ٽئين پوزيشن جي ميچ ۾ ڪراچي گرين 2-0 پل تان سکر کي شڪست ڏي ٽين پوزيشن  حاصل ڪري ورتي.  ان موقعي تي آرگنائزنگ سيڪريٽري ذوالفقار علي ڏھوٽ، سيڪريٽري سنڌ ٽگ آف وار ايسوسي ايشن جاويد اقبال، اظھار حسين زيدي، ڊاڪٽر نجف علي شاھ،  عقيل لاڙڪ،  محمد منصور علي، عظمت پاشا، محمد نديم خان، امير حمزہ، شھمير عباسي، زوھرا جبين، سلمه خان، ريحان خاتو، زاھد بلوچ، رضوانہ چاچڙ، شاھزيب اعواڻ، عرفان علي ڏھوٽ، غلام مرتضي’ ڏھوٽ، اورنگزيب راجپوت، ولايت گوپانگ، نياز حسين منگي  ۽ ٻين شرڪت ڪئي آخر ۾ مھمان خاص ٽيمن ۾ انعام، ڪيش ۽ شيلڊون ورهايون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو