انصاف ڪريو نه ته پان ساڙينداسين، بروهي خاندان

ڀرياسٽي (مجيد ڪيريو) ضلعي قمبر شهداد جي ڳوٺ مڏا ڏيرا  جي رهواسڻ عورتن مسمات صاحبان، مسمات شريفان، مسمات آسيا ، مسمات امام زادي ۽ ٻين پريس ڪلب ڀريا سٽي آڏواحتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مسمات صاحبان ڌيءُ محمد عاقل بروهي ٻڌايو ته 2013کان وٺي زمين جي تڪرار تان ٻن ڌرين هڪ هاشم ۽ نظر محمد بروهي جڏهن ته ٻي ڌر الله  بخش، مولابخش ۽ عبدالنبي بروهي جن جو جھيڙو هلندڙ آهي جڏهن ته هلندڙ جھيڙن دوران ٻنهي ڌرين جا ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ٻنهي ڌرين جي جھيڙي ۾ اسان جو ڪوبه تعلق ناهي اسان ڪنهن جي به ڌر ناهيون. گذريل رمضان شريف دوران ٻنهي ڌرين ۾ ٻيهر جھيڙو ٿيو جنهن ۾ ڪجھ ماڻهو مارجي ويا هئا. جن سان به اسان جو ڪو تعلق نه هيو،  پر ڏيرا  ٿاڻي جي ايس ايڇ او سعيد ڏهر، بلاول بروهي ۽ اعظم بروهي وارن جي فرياد تي خون جي ناحق ڪيس ۾ منهنجي ڀاءُ   محمد اسحاق بروهي سميت ، گل حسن ، اسماعيل، غلام مصطفي ۽ قادر بروهي کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ايس ايڇ او سعيد ڏهر پوليس اٽالا ساڻ ڪري اسان جي گھرن مٿان چڙهائي ڪري ظلم جي انتها ڪندي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن  مٿان سخت تشدد ڪرڻ بعد گھرن اندران لکين روپين جا سونا زيور نياڻين جي ڏاجن جو سامان روڪ رقم ٽريڪٽر اناج ساريون ۽ ٻيو سامان ڦر لٽ بعد کڻي ويا ۽ ظلم ۽ بربريت جي انتها ڪندي بلڊوزرن سان گهرن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڊي آءِ جي لاڙ ڪاڻو، ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ سميت ٻين عملدارن کي پڻ خبر آهي ته اسان بيگناھ آهيون ۽ اسان جي ڪنهن به مٽ مائٽ ۽ گھر ڀاتين جو هن تڪرار سان ڪو به واسطو نه رهيو آهي ۽  ان باوجود اسان سان اهو ظلم ڇو،  اسان عورتون ۽ نياڻيون انصاف لاءِ در در ڀٽڪي رهيون آهيون. هنن چيف آف آرمي اسٽاف، چيف جسٽس آف پاڪستان، وزير اعظم پاڪستان، بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعلي سنڌ سميت ٻين وس وارن کان اپيل ڪئي ته کين تحفظ ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ اسان عورتون پنهنجو  پاڻ کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏينديوسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو