انسان کان هزار ڀيرا تيز ڪم ڪندڙ روبوٽ سائنسدان تيار

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا جي لورپول يونيورسٽي جي سائنسدانن ڪيميادان روبوٽ تيار ڪيو آهي جيڪو انساني ڪيميادان جي مقابلي ۾ 1000 ڀيرا وڌيڪ تيزي سان ڪم ڪري رهيو آهي. مصنوعي ذهانت جي ڊوڙ ۾ سائنسدان روز هر شعبي ۾ ڪو نه ڪو نئون ڪارنامو سرانجام ڏئي رهيا آهن ۽ هوٽل بيري کان وٺي فوجي سپاهي تائين مختلف ڪم روبوٽ ڪري رهيا آهن. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته جيڪو ڪم انسان ڪيترن سالن ۾ مڪمل ڪندا اهو ڪم روبوٽ ڪيميادان تمام جلد ڪري وٺي ٿو. ڇو ته هو کائڻ پيئڻ، باٿ روم يا آرام ڪرڻ کانسواءِ لڳاتار ڪم ڪري ٿو. هن موبائيل روبوٽ جو ڪو چهرو ناهي رڳو هڪ ٻانهن اٿس ٽچ بٽڻ تي اسڪيننگ جو ڪم ڪري ٿو. ٽيم جي سربراهه اينڊريو ڪُوپر جو چوڻ آهي ته هي آٽوميٽڪ اوزار انسان جيان هلائي ٿو. هن روبوٽ هڪ نئون فوٽو ڪيٽلسٽ (روشني جي زور تي تحرڪ وٺندڙ ڪيميائي مادو) دريافت ڪيو آهي. جنهن ۾ انسان سائنسدانن کي مهينا لڳي سگهن پيا پر هن هفتي ۾ اهو ڪم ڪري ڏنو. ڪُوپر جو چوڻ آهي ته هي روبوٽ انسان جي جاءِ نٿا وٺي سگهن پر ان جا بهترين مددگار ٿي سگهن ٿا ۽ ان سان ريسرچ جي دنيا ۾ تيزي ايندي.

پهنجو تبصرو موڪليو