انساني همدردي، ڀارتي امداد واگها ذريعي ڪابل موڪلڻ جي اجازت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ۽ دوائون ڀارت کان واگها ذريعي افغانستان موڪلڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان حڪومت افغان عوام لاءِ خير سگالي جي جذبي سان انساني همدردي جي بنياد تي واگها بارڊر ذريعي ڀارت کان 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ۽ زندگي بچائيندڙ دوائن جي نقل و حمل جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ ڀارتي سفير کي پاڪستان حڪومت جي فيصلي کان باضابطا آگاهه ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم عمران خان به افغانستان لاءِ 5 ارب رپين جي انساني امداد جي منظوري ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو