امير مقام جي گهر کي باهه، ڪو به جاني نقصان نه ٿيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ امير مقام جي مالم جبا واري بنگلي کي شارٽ سرڪٽ سبب باهه وڪوڙي وئي، ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. امير مقام ٽوئٽر تي باهه ۾ سڙندڙ گهر جي تصوير شيئر ڪندي اهو به ٻڌايو ته ان مهل گهر ۾ پيپلز پارٽي جو اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ ٻيا مهمان ترسيل هئا جيڪي سڀ محفوظ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو