اميرڪا پاران ڪابل حملي جي منصوبه ساز کي مارڻ جي دعويٰ

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) اميرڪا ڪابل هوائي اڏي تي حملي جي رٿا بندي ڪندڙ  دولت اسلاميه خراسان جي اڳواڻ کي ڊرون حملي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. بي بي سي جي رپورٽ موجب اميرڪي فوج جي هڪ ترجمان ڪيپٽن بل اربن چيو آهي ته افغانستان جي اوڀارين صوبي ننگرهار جيڪو داعش يا دولت اسلاميه جو ڳڙهه آهي، ان تي ڪيل حملي ۾ ڪو به سويلن نه مئو آهي.

Screen shot

مارجي ويل اڳواڻ جي نالي سميت وڌيڪ تفصيل ناهن ڏنا ويا. ياد رهي ته ڪابل هوائي اڏي تي هڪ ٻئي پويان ٻن خودڪش حملن ۾ مارجي ويلن جو انگ 170 ٿي ويو آهي جن ۾ 13 اميرڪي فوجي به شامل آهن. حملي بعد صدر جو بائيڊن داعش جي ذميوار خراساني اڳواڻ کي مارڻ جو حڪم ڏنو هو. اميرڪا جو چوڻ آهي ته داعش ۽ طالبان جي تعاون جو ڪو ثبوت ناهي مليو. داعش افغانستان جي سڀ کان وڌيڪ انتها ۽ شدت پسند تنظيم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو