اميد ته طالبان عورتن جي حقن بابت واعدي تي عمل ڪندا، باجوا

اسلام آباد: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته اميد ته طالبان عورتن ۽ انساني حقن بابت عالمي برادري سان ڪيل واعدا پاڙيندا ۽ افغانستان جي سر زمين ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏيندا. پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ گذريل ڏينهن تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ بدامني جي ڳري قيمت ادا ڪئي آهي، ڏکين حالتن باوجود 4 ڏهاڪن تائين 30لک کان وڌيڪ افغانين جو بار برداشت ڪيو، پاڪستان کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ جي ڪوششن تي خاموش نٿا رهي سگهون، اسان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو