اميد ته خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽبي، پاڪستان سان بهتر لاڳاپا آهن، ٽرمپ

احمد آباد (ويب ديسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته پاڪستان سان آمريڪا جي بهتر لاڳاپا آهن ۽ اميد آهي ته خطي مان ڇڪتاڻ گهٽ ٿيندي. اهڙو اظهار هن احمد آباد جي اسٽيڊيم ۾“نمستي ٽرمپ ريلي” کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ٽرمپ چيو ته آمريڪا ۽ ڀارت دهشتگردن کي روڪڻ ۽ سندن نظريي خلاف گڏجي وڙهي رهيا آهن، مون جڏهن کان عهدو سنڀاليو تڏهن کان اسانجي انتظاميا پاڪستان مان آپريٽ ڪندڙ دهستگرد تنظيمن خلاف مثبت انداز ۾ ڪم ڪري رهي آهي. آمريڪا جا پاڪستان سان بهتر لاڳاپا آهن ۽ انهن ڪوششن سبب پاڪستان سان وڏي پيش رفت نظر اچي پئي ۽ بهتر مستقبل لاءِ پراميد آهيون. صدر ٽرمپ ٻن ڏينهن جي دوري تي انڊيا پهتو آهي. جتي ڀارتي وزيراعظم مودي سندس ڀرپو استقبال ڪندي ڀاڪر پائي گل پيش ڪري سندس استقبال ڪيو.

صدر ٽرمپ آگره ۾ تاج محل به ڏٺو جتي حڪومت صفائي جو خاص اهتمام ڪيو هو. عام طور تي تاج محل جي آس پاس چوپايو مال، رولو ڪتا ۽ باندر نظر ايندا آهن ۽ ڀر ۾ وهندڙ جمنا ندي جو پاڻي ڪارو ۽ بدبودار هوندو آهي. صدر ٽرمپ جي اچڻ سبب مال مويشي هٽايا ويا ۽ باندرن کي ڀڄائڻ لاءِ لنگور مقرر ڪيا ويا. مختلف ندين جو پاڻي جمنا ۾ ڇڏيو ويو جيئن پاڻي صاف نظر اچي ۽ بدبو وغيره نه هجي. جنهن بعد هو احمد آباد پهتو ۽ هڪ لک ماڻهن جي هجوم کي خطاب ڪيو. اسٽيڊيم ۾ هونئن وڏي پيماني تي مرد ۽ عورتون رنگ برنگي ڪپڙا پائي ويٺل هئا پر مردن جي مٿي تي سفيد ٽوپيون هيون.

صدر ٽرمپ مودي جي تعريف ڪندي چيو ته ڀارت سان هر قسم جو تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، ڊرون، فوجي جنگي سامان ڏينداسين، خلائي تعاون ڪبو ۽ اسين انڊيا سان واپار وڌائڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته مان 8 هزار ميل سفر ڪري اهو پيغام کڻي آيو آهيان ته آمريڪا ڀارت سنا پيار ڪري ٿو، ڀارت جي عزت ڪريون ٿا ۽ هميشه ڀارتي عوام سان وفادار رهنداسين. هن چيو ته داعش جي خاتمي لاءِ اسين پنهنجي فوج کي مڪمل اختيار ڏنو ۽ خلافت جا خواهشمند 100 سيڪڙو ختم آهن ابوبڪر البغدادي مارجي ويو آهي. صدر ٽرمپ ڪشمير ۽ ڀارت جي شهريت واري تڪراري قانون، جنهن خلاف پوري انڊيا سراپا احتجاج آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو به مارجي چڪا آهن ان جو ذڪر نه ڪيو.

ياد رهي ته ڀارت شهريت بابت جيڪو قانون پاس ڪيو هو ان موجب 31 ڊسمبر 2014 تائين هندوستان ۾ آيل سڀني ماڻهن کي شهريت ڏيندو سواءِ مسلمانن جي.  صدر ٽرمپ سان گڏ سندس گهرواري، نياڻي ۽ ناٺي به گڏ آهن. ٻنهي ملڪن ۾ وڏي پيماني تي واپار بابت معاهدي بابت ڳالهيون هلن پيون پر معاهدو ٿي نه سگهيو آهي. ٻنهي ملڪن ۾ 140 ارب دالر جو ساليانو ٻطرفو واپار ٿيندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو