اميتاڀ خاندان کانپوءِ انوپم کير جو خاندان ڪورونا ۾ مبتلا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) اميتا ڀ بچن جي خاندان کانپوءِ سينئر اداڪار انوپم کير جو خاندان به ڪورونا وائرس ۾ وٺجي ويو آهي. هن ٽوئٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ ٻڌايو آهي ته سندس والده، ڀاءُ، ڀاڀي ۽ سندس ڀائٽي کي ڪورونا ٿي وئي آهي ۽ هو آئسوليشن ۾ هليا ويا آهن.

هن ٻڌايو آهي ته ممبئي جي ڪوڪيلا اسپتال جي ڪورونا وارڊ ۾ کين داخل ڪيو ويو آهي. هن جو چوڻ آهي ته حد کان وڌيڪ احتياط ڪرڻ باوجود سندس والده ۽ ڀاءُ جي خاندان وارن جي ٽيسٽ مثبت آئي آهي. جڏهن ته هن جي پنهنجي ٽيسٽ منفي آئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو