اميتاب بالي وڊ جي سڀ کان وڌيڪ قابل اعتماد شخصيت قرار

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي وڊ ليجنڊ اميتاب بچن کي بالي وڊ جي سڀ کان وڌيڪ قابل اعتماد شخصيت ۽ اداڪاره ديپڪا پڊڪون کي سڀ کان وڌيڪ قابل اعتماد اداڪارا قرار ڏنو ويو. هندوستان ٽائمز جي پورٽ موجب اميتاب بچن کي عوامي راءِ جي بنياد تي 88 اسڪور سان گڏ بالي وڊ جي قابل اعتماد شخصيت قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته اڪشي ڪمار کي 86.8 اسڪور ۽ اداڪارا ديپڪا پڊڪون کي 82.8 اسڪور سان گڏ قابل اعتماد اداڪار قرار ڏنو ويو آهي. ان کانسواءِ اداڪارا انوڪشا شرما ۽ ڪرڪيٽر ورات ڪوهلي کي سڀ کان وڌيڪ بهترين جوڙي قرار ڏنو ويو آهي، ٽي وي اسٽار ڪپل شرما کي 63.2 اسڪور جي ٽيليويزن جو سڀ کان وڌيڪ قابل اعتماد قرار ڏنو ويو، اداڪارا ڪاجول کي ٽي وي جي سڀ کان وڌيڪ قابل اعتماد قرار ڏنو ويو. اهڙي طرح رنوير سنگهه، آيوشمان، رتيش ديش مک، ڪرينا ڪپور، پرينڪا چوپڙا ۽ وڪرانت ميسي کي پسند ڪرڻ سان گڏ بهتر اداڪار قرار ڏنو ويو آهي. رپورٽ موجب ڀارت جي 23 شهرن مان 60 هزار ماڻهن جو ردعمل وٺڻ کانپوءِ اها رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي.  

پهنجو تبصرو موڪليو