امن امان سبب پاڪستان جي سياحت ۾ اضافو ٿيو؛ وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي جڏهن ان جي حڪومت آئي ته پاڪستان کي دنيا جي خطرناڪ ملڪ طور تصور ڪيو ويندو هو ليڪن اسان امن جو ساٿي بڻجڻ جو فيصلو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان کي پهريون فائدو سياحت جي شعبي ۾ مليو. سوئيزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ ٿيندڙ عالمي اقتصادي فورم ۾ پاڪستان اسٽريٽجي ڊائيلاگ کي خطاب ۾ ماضي جو ذڪر ڪندي عمران خان چيو ته 11 سيپٽمبر 2001 کان پوءِ دهشتگردي خلاف جنگ هئي ۽ انهن ڏينهن ۾ اسان کي وڏي قيمت چڪائڻي پئي. ڳالهه کي جاري رکندي هن چيو ته پهرين جهيڙي ۾ سوويت طرفان افغانستان ڇڏڻ کان پوءِ عسڪريت پسند گروپ، فرقيواراڻا گروپ، ڪلاشنڪوف ۽ منشيات جي ڪلچر کي فروغ مليو جنهن اسان جي معاشري کي وڏو نقصان ڏنو. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ جي نتيجي ۾ 70 هزار پاڪستانين پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو ۽ خودڪش ڌماڪن سبب پاڪستان دنيا جي خطرناڪ ترين ملڪن مان هڪ تصور ٿيڻ لڳو. جڏهن اسان جي حڪومت آئي ته اسان ڪجهه اهم فيصلا ڪيا اسان صرف امن جو پاسو ورتو ۽ ڪنهن به جهيڙي جو حصو نه بڻياسين. پاڪستان ۾ امن جي قيام کان پوءِ پهريون ڀيرو فائدو سياحت جي شعبي ۾ ٿيو ڇاڪاڻ ته پاڪستان دنيا جي ان ملڪن مان هڪ هيو جتي تمام گهڻا سياحتي جڳهون هن وقت به دنيا جي نظرن کان لڪل آهن.  وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان ڪيترن ئي قدم تهذيبن سان سلهاڙيل آهي جنهن مان انڊس ويلي سويلائيزيشن هڪ آهي جيڪا 5 هزار سال پراڻي آهي ان کان علاوه 4 مذهبن جون مقدس جڳهون به آهن. هن چيو ته اسان دنيا جي سياحت دوست ملڪن مان هڪ آهيون ۽ هتي سياحت جا تمام گهڻا موقعا آهن. هن چيو ته اسان جي حڪومت سرمائيڪارن کي متاثر ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ۽ صنعتن کي مراعاتون ڏئي رهي آهي ۽ انهن جي رستي ۾ ايندڙ هر رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. پاڪستان ۾ هڪ سال اندر غير ملڪي سرمائيڪاري 200 فيصد تائين پهچي وئي آهي پاڪستان ۾ سياحت واپس اچڻ سان 2020 ۾ دنيا جي بهترين سياحتي مقامن واري فهرست ۾ شامل ڪيو ويو ۽ اسان پاڪستان جي سياحت کان تمام گهڻو روينيو گڏ ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته افغانستان ۾ جنگ بندي جا امڪان آهن ۽ پاڪستان پنهنجي پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ امن لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته عالمي اقتصادي فورم ۾ وزيراعظم کان علاوهه آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سميت مختلف ملڪن جا سربراهه موجود آهن. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان سوئيزرلينڊ جي شهرو ڊيووس ۾عالمي اقتصادي فورم ڊبليو اي ايف جي سائڊ لائن تي سنگاپور ۽ آذربائيجان جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي ۽ ٻه طرفه ڳالهين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. دفتر خارجه کان جاري ٿيندڙ بيان مطابق وزيراعظم عمران خان ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات پڻ ڪئي. بيان مطابق وزيراعظم ڄمون ڪشمير جي اسلامي تعاون رابطه گروپ جي ميمبر جي حيثيت سان شامل ٿيڻ سميت آذربائيجان جي قابل قدر شرڪت داري کي به ساراهيو. ان دوران عمران خان آذر بائيجان جي صدر کي مقبوضه ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين سميت ڀارتي حڪومت طرفان خطي جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ بابت به آگاهه ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو