امريڪي صدر جي چيني هم منصب سان ملاقات تي اتفاق

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) امريڪا ۽ چين جا صدر هلندڙ سال جي آخر تائين ورچوئل ملاقات ڪندا. اهڙو اظهار وائيٽ هائوس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ ڪيو. هن ٻڌايو ته  سوئزلينڊ ۾ امريڪي صدر جي قومي سلامتي بابت مشير جيڪ سليوان ۽ چين جي ٽاپ ڊپلوميٽ يينگ جيچي وچ ۾ ٿيل 6 ڪلاڪن جي ملاقات ۾ ڳالهيون اڳتي وڌائڻ بابت اتفاق ڪيو ويو آهي. اڳ ۾ خيال هو ته آڪٽوبر ۾ اٽلي ۾ رٿيل جي 20 سمٽ جي موقعي تي ملاقات جو امڪان هو پر چيني صدر ڪورونا وائرس سبب شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٻنهي ملڪن ۾ تجارتي معاملن، ٽيڪنالوجي، تائيوان ۽ هانگ ڪانگ جي معاملن، انساني حقن جي ڀڃڪڙين سميت مختلف معاملن تي اختلاف آهن. ياد رهي ته 9 سيپٽمبر تي صدر جو بائيڊن چيني هم منصب کي فون به ڪئي هئي. مارچ ۾ الاسڪا ۾ ٻنهي ملڪن جي نمائندن ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه بعد ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي هئي ۽ 7 مهينن جي وقفي بعد صدر بائيڊن فون ڪئي هئي جنهن بعد ٻنهي ملڪن جي ٽاپ ڊپلوميٽس ۾ ملاقات ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو