امرالله، غني ۽ محب سميت سڀني کي معافي آهي، حقاني

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) افغان طالبان جي مرڪزي اڳواڻ خليل الرحمان حقاني چيو آهي ته ڪنهن سان به دشمني ناهي، اشرف غني، امر الله صالح ۽ حمد الله محب سوڌو سڀني جي لاءِ عام معافي آهي. اهڙو اظهار هن جيو نيوز کي ڏنل انٽرويو۾ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا سان دشمني ۾ اسان اڳرائي نه ڪئي هئي ۽ هاڻي به نه ڪري رهيا آهيون، آمريڪا اسان جي مذهب ۽ ملڪ سان زيادتي ڪئي ته مجبور ٿي بندوق کنئي. هن چيو آهي ته افغانستان جو هڪ منظم نظام ٺهندو، جنهن ۾ سموريون تنظيمون ۽ تعليم يافته ماڻهو شامل هوندا، قوم کي متحد ڪرڻ وارن کي حڪومت ۾ شامل ڪيو ويندو. طالبان اڳواڻ افغانستان ڇڏي وڃڻ وارن کي پيغام ڏنو ته ٻاهر نه وڃن، هتي ئي رهي ڪري ملڪ جي خدمت ڪن، دشمن توهان کي ڊيڄارين ٿا ته امارات اسلامي وارا توهان کي سزائون ڏيندا، اسلام امن جو دين آهي، هتي سڀني کي هڪ جهڙ حق ملندا ۽ ڪنهن سان به نه انصافي نه ٿيندي خ. خليل الرحمان حقاني جو چوڻ هو ته سمورا ملڪ ۽ مسلمان ملڪن جي لاءِ پيغام آهي ته پنهنجي ماڻهن کي حق ڏين چاهي ان جو واسطو ڪنهن به مذهب سان هجي، جن ماڻهن جا حق بڻجن جا اهي انهن کي فراهم ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو